مانجھند (ن پ ا) مانجهند ڀرسان لاکڙا  ڪول مائنز ۾ پراسرار نموني پورھيت ٽرڪ ڊرائيور فوت ٿي ويو آهي. لاکڙا ڪول مائنز ۾ پنجاب جو رھواسي 46 ورھين جو ملڪ ياسين اچانڪ طبيعت خراب ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو فوت ٿي ويل پورھيت ملڪ ياسين سان گڏ ڪلينڊر ٻڌايو ته ڪوئلي جي گاڏي لوڊ ڪري رھياسين تي اچانڪ ڊرائيور جي طبيعت خراب ٿي وئي طبيعت خراب ٿيڻ سبب پورھيت ڊرائيور کي طرت طبعي علاج لاء مقامي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران پورھيت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جڏھن ته فوت ٿيل پورھيت جي لاش کي ضروري ڪاروائي بعد پورھيت جو مڙھ سندس اباڻي علائقي پنجاب روانو ڪيو ويندو جتي پورھيت جي مڙھ  کي مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو.