غوثپور (ن پ ا ) غوثپور ڀرسان ڳوٺ شهداد  ڀيو ۾ ٽائيم نيوز جي رپورٽر ظفر ڀيو جي گهر ۾ هٿياربندن ڌاڙو هڻن جي ڪوشش ڪئي، گهر ڀاتي سجاڳ ٿيڻ تي مزاحمت دوران هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا،پوليس جاءِ واردات تي پهچي واقعي جا تفصيل ورتا، هٿياربندن جو پيرو کنيو ويو، ڪچي ۾گم ٿي ويو. هٿياربندن ٽائيم نيوز غوثپور جي رپورٽر ظفر ڀيو جي گهر مان چوپايو مال ڦر ۽ گهر اندر ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته گهر ڀاتي سجاڳ ٿيا، پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. مختلف شهرن جي صحافين پاران ٽائيم نيوز جي رپورٽر جي گهر تي حملي جي سخت مذمت ڪندي انتظاميا کان فورن جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي.