ڪراچي / مانجھند (نمائندن وٽان) مانجھند ڀرسان سنڌ لاکڙا ڪول ڪمپني جي ڪوئلي کاڻ ۾ 2 ڏينھن پھرين ڪوئلو ڪڍڻ دوران دٻجي ويل ٽن پورھيتن جا مقامي پورھيتن لاش ڪڍي ورتا شانگلا واسي پورهيتن سعيد گل، احسان الله ۽ گل بادشاهه جا لاش مقامي پورھيتن 34 ڪلاڪن کان پوءِ کاڻ مان ڪڍي ورتا. ان موقعي تي فوتي پورھيتن جي وارثن ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته ڪمپني جي لا پرواھي جي ڪري اڄ اسان پنھنجن ٽن پيارن کان محرم ٿي وياسين. ٻن ڏينھن کان مختلف ڪمپنين کان آيل پورھيتن دٻجي ويلن کي ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪيو. ھن افسوسناڪ حادثي تي لاکڙا جي سمورن مزدورن پنھنجي ليبر جي ماڻھن لاش ڪڍڻ جون ڪوششون ڪيون پر لاڳاپيل انتظاميا طرفان پھرين ڏينھن ڪجھه ڪول مائنز آفيسر حادثي واري جاءِ تي پھتا پر حادثي جي جڳھه جون حالتون ڏسي ڪجھه وقت کان پوءِ موٽي ويا. هنن چيو ته صبح جو پورھيتن جي کاڻ اندر وڃڻ دوران اچانڪ باھ پڻ لڳي وئي ان وقت به ڪمپني انتظاميا باھ وسائڻ نه آئي. ڪجھ ڪلاڪن بعد ساڳي کاڻ پورھيتن جي ڳولا دوران ٻيھر ڪري پئي، ان وقت ڪمپني جو ھڪ مينيجر صرف ھڪ ڪتاب ھٿ ۾ جھلي پورھيتن کي ڪم ڪرڻ کان روڪي رھيو ھو. هوڏانهن ايس ايڇ او ڪول مائنز علي پريو چيو ته پورھيتن جي لاشن جي تصديق ٿي وئي آھي، جيڪي وارثن حوالي ڪيا ويا آھن. جن کي وارث پنھنجي اباڻي شھر شانگلا کڻائي ويا. ٻئي پاسي سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ لاکڙا ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٽن مزدورن جي دٻجي فوت ٿيڻ واري واقعي جي انڪوائري لاءِ فوري طور تي هڪ انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته مزدورن جي لاءِ حفاظتي قدم کنيا وڃن. کاڻ کي فوري طور بند ڪيو وڃي ۽ چيف انسپيڪٽر ڪول مائن کي حفاظتي انتظامن جي جاچ ڪرڻ گهرجي، صوبائي وزير چيو ته غفلت ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري، سيڪيورٽي انتظامن کي نظرانداز ڪندڙ ڪمپنين جون ليزون رد ڪيون وڃن.