ملاڪاتيار (ن پ ا) لاکيڻي لطيف جي ڏاڏي، حضرت شاھ عبدالڪريم رح بلڙي واري جو 500 جشنِ ولادت مبارڪ عقيدت احترام سان ملهايو ويو، ان ڏس ۾ بلڙي شاه ڪريم ۾ درگاهه شاهه عبدالڪريم بلڙي واري قائم مقام گادي نشين سيد اسد شاه ڪاظمي ۽ شاه لطيف فائونڊيشن اڳواڻ سيد سعادت شاه لطيفي پاران درگاهه جي احاطي ۾ جشن ولادت جو ڪيڪ ڪاٽي درگاهه تي چادر چاڙهي وئي، عالم انسانيت سميت ملڪ توڙي سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعا پڻ گُهري وئي.