بدين (رپورٽر) آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي اباڻي ضلعي بدين ۾ بدامني وڌي وئي آهي، گاڏين، موٽر سائيڪلن،  چورين،ڦرن ، منشيات فروشي ۽ ٻين ڏوهن ۾ لڳاتار واڌ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان ٽنڊوباگو روڊ ھاليپوٽا اسٽاپ کان 15 ڪلوميٽر جو پيادل مارچ ڪري ايس ايس پي آفيس اڳيان ڊي سي چوڪ بدين تي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مرڪزي اڳواڻ شاهنواز سيال، قاسم ھاليپوٽو صديق لاکاٽيو ۽ ٻين چيو ته بدين ضلع بدآمني ۽ چورن جي ور چڙھي ويو آھي ، جنھن ڪري اڄ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سوين ڪارڪنن ھاليپوٽا ڳوٺ کان لانگ مارچ ڪري کوسڪي روڊ شاھ لطيف روڊ ۽ ڪراچي روڊ کان ٿيندو ايس ايس پي آفيس آڏو ڊي سي چوڪ  تي پھتو آھي، اڳواڻن چيو تہ بدين ضلعي ۾ لڳاتار ڏوهن ۾ واڌ سبب 20 لک کان وڌيڪ شهري پريشان آهن ضلعي جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ منشيات وکر جيان وڪرو ٿي رهي آهي منشيات جي عام وڪري سبب مرس عورتون ۽ معصوم ٻارڙن سميت اسڪولي شاگرد بہ منشيات واپرائي رهيا آهن نوجوان نسل ڪچو شراب مين پڙين گٽڪي ۽ ٻي منشيات استعمال ڪري تباهيءَ طرف وڃي رهيو آهي پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران منٿلي اوڳاڙڻ ۾ لڳي وئي آهي. ايس ايس پي بدين کي هٽايو وڃي نه ته ضلعي ۾ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.