سنڌ کي سوڪهڙي کان بچڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گُهرجي؟

0
93
سنڌ کي سوڪهڙي کان بچڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گُهرجي؟

 سنڌ ۾ سوڪهڙي ۽ پاڻي کوٽ سبب زرعي معيشتکي تمام گهڻو هاڃو رسيو آهي، سنڌ ۾ سوڪهڙي جا سبب هيٺ ڏجن ٿا؛

                 خيبر پختونخوا وارا ڊيم ٺاهيندا ته سنڌ ۾ پاڻي ايندو ۽ سوڪهڙو (پاڻي کوٽ) ٿيندو.

                 پنجاب وارا پاڻي جا نوان منصوبا ٺاهيندا ته ان جو اثر سنڌ تي پوندو. گريٽر ٿل ڪينال اڳ ئي ٺاهيو ويو آهي. هاڻي فيز ون ٺاهڻ کانپوءِ پنجاب وارا ٻئي فيز ٺاهڻ لاءِ به جاکوڙ ڪندا، جنهن سان سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ٿيندي.

سنڌو درياءَ مان چشما-جهلم لنڪ ڪينال اڳ ئي ٺهيل آهي، ان کي هلائيندا ته پاڻي کوٽ ٿيندي.

منگلا ڊيم ۾ انهي وقت پاڻي ڀريو وڃي ٿو، جڏهن سنڌ ۾ اڳي ئي پاڻي جي کوٽ هوندي آهي.

پاڻي کوٽ کان بچڻ لاءِ ڇا ڪجي؟

پاڻي کوٽ کان بچڻ لاءِ اسان وٽ ٻه آپشن آهن؛

هڪڙو آپشن اهو آهي ته سنڌ ۾ سارين جي پوک بند ڪئي وڃي.

ٻيو آپشن اهو آهي ته سنڌ ۾ ڪمند جي پوک بند ڪئي وڃي.

ساريون سنڌ جي مٿئين حصي ۽ هيٺئين حصي ۾ ٿين ٿيون.

سنڌ ۾ رائيس ڪينال سارين لاءِ رکيل آهي. گڊو بيراج ۾ رڳو ساريون ٿين ٿيون. نارٿ ويسٽ ڪينال تي سنڌ ۾ ساريون ٿين ٿيون. وري اچون سنڌ جي هيٺئين حصي تي جتي ڦليلي ڪينال ۽ پڃاري ڪينال آهن، اتي پڻ ساريون ٿين ٿيون. جيڪڏهن سارين جي فصل پوکڻ تي سنڌ حڪومت پابندي وجهي ته پاڻي جي تمام گهڻي بچت ٿي سگهي ٿي. بس رڳو اهو آهي ته، ماڻهو سارين جي فصل کي پوکڻ بدران ٻيا فصل پوکين جيئن ته ماڻهو ڪئين سالن کان سارين جو فصل پوکي رهيا آهن، انهن کي ڪجهه سال معاوضو ڏيڻو پوندو، جيڪو سنڌ سرڪار ڏئي سگهي ٿي.

جيتري قدر ڪمند جو تعلق آهي ته اڳي ڪنهن به مُند ۾ ٽنهي بيراجن تي ڪمند پوکڻ جي اجازت نه هئي پر هاڻي سنڌ جي ڪچي ۾ ۽ ڪينالن جي ويجهو ڪمند پوکيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪمند پوکڻ تي پابندي وڌي وڃي ته، پاڻي جي بچت ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته، ڪمند تمام گهڻو پاڻي واپرائي ٿو. جيڪڏهن ڪمند گهٽ پوکجي ته پاڻي جي ڪافي گهڻي بچت ٿي سگهي ٿي ۽ اهو پاڻي سنڌ ۾ کوٽ وارن ڏهاڙن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

سنڌ  ۾ پاڻي کوٽ هڪ حقيقت آهي، جيڪا ان ڪري ٿئي ٿي ته خيبرپختونخوا ۽ پنجاب پاڻي جا نوان منصوبا ٺاهين ٿا. جيڪڏهن سنڌ جا آبادگار ساريون ۽ ڪمند پوکڻ بند ڪن ته، پاڻي بچي پوندو ۽ اهو پاڻي سنڌ ۾ کوٽ وارن ڏهاڙن ۾ ڪم ايندو. اهي ٻئي اُپاءَ وٺڻ گهرجن، ان کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن آهي ئي ڪونه. کوٽ واري صورتحال ۾ مايوس نه ٿيڻ گهرجي. شاهه عبداللطيف ڀٽاي فرمائي ٿو ته، “آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو”.