مانجھند ( رپورٽر ) لاکا ڀرسان پلاٽ جي مالڪي تان جھيڙو 3 ڄڻا رتورت، لاکا ڀرسان پلاٽ جي مالڪي تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ھڪ ئي ڌر جا 3 ڄڻا غلام سرور کوسو، باقر کوسو ۽ غلام الله کوسو زخمي ٿي پيا. واقعي واري ھنڌ موجود مقامي ماڻهن جھيڙي کي ٽاري زخمين کي طبعي امداد لاء مانجھند اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته زخمي ڌر جي ماڻهن ٻڌايو ت با اثر جي من پسند سياسي ماڻهو کي ووٽ نھ ڏيڻ تي ڳوٺ جو وڏيرو ناراض ھو جيڪو هراسان ڪرڻ خاطر مختلف وقتن وقت جھيڙا ڪرائيندو اچي پيو. اڄ به ڳوٺ جي وڏيري جي چرچ تي 10 کان مٿي شرپسندن ماڻهن اسان جي گھرن تي ڪاھ ڪري اسان کي رتورت ڪري آساني سان ھليا ويا آهن.