لاکاروڊ (ن پ ا) نامعلوم ٺڳ پورهيت نينگر کي ٺڳي موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويو. خبر موجب ڦٽين جو چونڊو ڪندڙ پورهيت نينگر شنڪر مارواڙي لاکاروڊ شھر مان سامان وٺي واپس وڃي رهيو هو ته شھر ٻاھران سندس موٽر سائيڪل جو پيٽرول ختم ٿي ويو، جنهن بعد هو پيادل واپس پيٽرول ڀرائڻ لاءِ اچي رهيو هيو ته نامعلوم ٺڳ کيس اهو چئي موٽر سائيڪل ڪاهي ويو ته تو وٽ اٽي جو وزن آهي، مونکي پئسا ڏي ته تنهنجي موٽرسائيڪل ۾ پيٽرول ڀرائي اچان، نينگر کيس 50 رپيا ڏنا، جنهن بعد ٺڳ موٽرسائيڪل ڪاهي ويو ته واپس نه موٽيو.