ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ڊائريڪٽر جنرل صحت جو سول اسپتال ميرپورخاص جو دورو، صفائي جي ناقص صورتحال ۽ دوائن جي کوٽ تي ناراضگي، 9 مهينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف ٽريني نرسن جو احتجاج، خبر موجب ڊائريڪٽر جنرل صحت محمد جمن سول اسپتال ميرپورخاص جو دورو ڪيو، جتي هن گائني وارڊ سميت نئين بلڊنگ ۾ منتقل ڪيل ٻين شعبن جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي ڊي جي هيلٿ صفائي جي ناقص انتظامن تي ناراضگي جو اظهار ڪندي فوري طور صفائي ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته دوائن جي کوٽ تي انتظاميا کي ڇنڊ پٽي، ڊي جي صحت جي دوري دوران ٽريني نرسن پاران 9 مهينن جون پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن تي ڊي جي صحت نرسن کي پگھارن جي جلد ادائيگي جي خاطري ڪرائي. صحافين سان ڳالهائيندي ڊي جي صحت چيو ته ماضي ۾ وڏي انگ ۾ ڊاڪٽرن جون ڀرتيون ڪيون ويون هيون ۽ ڪافي ڊاڪٽر سول اسپتال ۾ مقرر پڻ ڪيا ويا هئا پر ان جي باوجود سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ جو احساس آهي.