لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ضلعي جي مجموعي طور 711 پولنگ اسٽيشنن مان 194 کي انتهائي حساس، 120 کي حساس ۽ 397 پولنگ اسٽيشنن کي نارمل قرار ڏنو آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي شهر جا 34 انتهائي حساس ۽ 36 حساس پولنگ اسٽيشنون  شامل آهن. انتهائي حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشن تي 7، حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشن تي 4 ۽ نارمل پولنگ اسٽيشن تي عملي ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي پولنگ واري ڏهاڙي تي 1498 اضافي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ريزور طور رکيو ويو آهي. جنهن ۾ 8 ڊي ايس پي، 9 انسپيڪٽر، 13 سب انسپيڪٽر، 151 اي ايس آءِ، 121 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 1296 پوليس اهلڪار شامل آهن جيڪي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي، ڊي آر او، ڊپٽي ڪمشنر، ڊي ايس پي، گشت، پوليس پڪٽس، پولنگ سامان ۽ ٻين لاءِ مختص هوندا.