حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هندو ميرج ايڪٽ 2018ع تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن  (ايس ايڇ آر سي) پاران مقامي هوٽل ۾ تربيتي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن جسٽس (رٽائرڊ) ماجده رضوي مڪاني کاتي جي عملدارن تي زور ڀريو ته اهي سنڌ هندو ميرج ايڪٽ 2018ع بابت وڌ کان وڌ ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪن ته جيئن هندو برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي شادين جي رجسٽريشن آساني سان ٿي سگهي. ميمبر جوڊيشل II – ايس ايڇ آر سي محمد اسلم شيخ چيو ته مڪاني کاتي جا لاڳاپيل عملدار هندو برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي شادين جي رجسٽريشن ڪرڻ وقت شيڊول اي ۾ ڏنل نڪاح نامي کي مڪمل طور تي ڀرائين ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته نڪاح  نامي ۾ گهوٽ، ڪنوار، پنڊت توڙي گواهن جي سموري گهربل معلومات موجود هجي. لاڳاپيل عملدار شادي جي رجسٽريشن لاءِ ايندڙ ماڻهن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ بدران ساڻن سهڪار ڪن ته جيئن رجسٽريشن وارو مرحلو آساني سان مڪمل ٿي سگهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ماڻهن کي شڪايتون آهن ته اهي ايس ايڇ آر سي سان لهه وچڙ ۾ اچن. هندو اڳواڻ ايم پرڪاش چيو ته پهرين پاڪستان ۾ رڳو مسلمانن ۽ عيسائين جون شاديون رجسٽرڊ ڪيون وينديون هيون جڏهن ته سنڌ هندو ميرج ايڪٽ 2018ع کانپوءِ هندو برادري سان واسطو رکندڙ ماڻهن جون شاديون رجسٽرڊ ٿي سگهنديون. هن چيو ته آئين ۾ اقليتن جي پرسنل لاز کي تحفظ ڏنو ويو آهي ۽ ان قانون تحت شادي کان عليحدگي پڻ اختيار ڪري سگهجي ٿي ۽ هاڻي ان قانون تحت نين شادين سان گڏ پراڻيون شاديون به رجسٽرڊ ٿي سگهنديون. گڏجاڻي کي محمد اسلم شيخ، ڪرشن شرما، پشپا ڪماري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.