لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري، لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي ڪنوينر ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ جي ڊي اي اڳواڻ عدنان الطاف انڙ ڏوڪري جي ڪچي جي علائقن محمد علي جوڻيجو، دوست محمد ڪلهوڙو، ڪچي  کيڙو، سبحان بخش ڀاڳت، قاضي دڙا، يارو لاکير، رانوت خان ٽڳڙ ۽ ڳوٺ کيڙا جو دورو ڪري جتي علائقي واسين سندن جو استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي. مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته 15 سالن کان اوهان جا رستا بند ڪيا ويا آهن جنهن ڪري توهان جا ڳوٺ موهن جو دڙو جو ڏيک ڏئي رهيا آهن پر هاڻي هنن کي منهن لڪائڻ جي به جڳهه نه ملندي. هن چيو ته اوهان جي جيت اوهان جي خوشين جي ضامن آهي ۽ اسان ترجيحي بنيادن تي توهان جا مسئلا حل ڪنداسين ڇاڪاڻ هي شروعات آهي ۽ هي تحريڪ رڪجڻ واري ناهي جيسيتائين اسان پنهنجا حق ڇني نه وٺنداسين تيسيتائين سُک جو ساهه نه کڻنداسين. هن چيو ته 15 سالن ۾ غريب وام کي حڪمرانن مان ڪو به رليف نه مليو پر هنن مهانگائي ڪري غريب عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي هاڻي عوام انهن کان ووٽ جي ذريعي بدلو وٺندو. جي ڊي آءِ اڳواڻ عدنان الطاف انڙ چيو ته هتان جي ڳوٺن جو دورو ڪري حالتن کي ڏسي ڏاڍو ڏک پهتو ڇاڪاڻ هن ترقي يافته جديد دور ۾ توهان جا علائقا ويراني جو ڏيک ڏئي رهيا آهن جتي ڀڳل ٽٽل رستن جي ڪري اچ وڃ ۾ علائقي واسين کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن جن اوهان جي رستن کي بند ڪيو آهي هاڻي اوهان انهن جي رستا روڪ ڪري ستاري تي ٺپو هڻي هنن کي ڀڄائي ڇڏيو، جن عوام کان ٻن ويلن جي ماني کسي ڇڏي آهي اهي ڪهڙي منهن سان ووٽ پيا وٺن جن 15 سالن ۾ عوام کي ڪجهه به نه ڏنو. ڪارنر گڏجاڻين ۾ ظفر علي شاهه، لياقت ڪلهوڙو، ساجد ڪلهوڙو، قربان کوکر ۽ ٻيا جي ڊي اي اڳواڻن سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.