لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي طرفان شهر جي 32 ڊسپوزل مشينن ۽ آڪسيڊيشن پانڊس جي 80 آپريٽرن توڙي چوڪيدارن کي نوڪرين تان فارغ ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي عمل خلاف برطرف ملازمن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي سعيد احمد چانڊيو، سليم آرائين، جواد ميمڻ، طارق اهير، اياز سيال، طلعت حسين ابڙو، علي گل مگسي، مظهر علي ميمڻ ۽ ٻين دانهيو ته اسان  4 سالن کان مسلسل ڏينهن رات ڊيوٽي ڪئي پر انتظاميا  80 ملازمن کي بغير شوڪاز نوٽيس جي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي، بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون،  نوٽيس وٺي نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي.