لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاڻ کي  راڳي ممتاز مولائي جي گهرواري سڏائيندڙ عورت  مڙس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، ان موقعي تي  زرينه مغيري  الزام لڳايو ته سال 2002ع دوران منهنجي شادي راڳي ممتاز مولائي سان ٿي هئي، جنهن مان ٻن نياڻين پرھ ۽ پارس جي اولاد آهي، جڏهن ته شادي کان پوءِ مڙس ممتاز مولائي مونکي نياڻي پارس سان گڏ گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن بعد مان لاڙڪاڻي جي فيملي ڪورٽ ۾ مڙس خلاف پٽيشن داخل ڪئي، جتي هن اچي لکت ۾ بيان ڏنو ته اسان کي هو رهائش لاءِ گهر ڏيڻ سان گڏ نياڻي جي لاءِ هر مهيني 5 هزار روپيا خرچ ڏيندو، پر گذريل 9 مهينن کان وٺي اسان کي ڪجھه به ناهي ڏنو ويو، هن چيو ته احتجاج ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، انصاف ڪيو وڃي.