ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي علي ٽالپر ٽائون واري علائقي ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ سڙي زخمي ٿيل مجاھد بلوچ جو سندس مامي عبدالمجيد بلوچ جي فرياد تي جوابدار نبي بخش بلوچ مٿان محمودآباد ٿاڻي تي قتل جي ارادي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ياد رھي ته ڪجھه ڏينهن اڳ علي ٽالپر ٽائون واري علائقي ۾ رات جو شراب پيئڻ دوران گھرو معاملي تان ٻن ڄڻن ۾ جھيڙو ٿيڻ سبب مبينا طور جوابدار نبي بخش بلوچ مجاھد بلوچ مٿان پيٽرول ھاري کيس باهه ڏئي ڇڏي ھئي.