ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن جي لاء وظيفي جي قسط جاري ٿيندي ئي مستحق عورتن جي دڪانن، بينڪن جي اي ٽي ايم ۽ مختلف جڳھن تي رش ٿي وئي آهي، جڏهن ته انتظاميه پاران ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن. مستحق عورتن جي لاء آيل 7000 روپين جي قسط مان ڪٽوتي جو سلسلو به رڪجي نه سگھيو آھي ھر ھڪ مستحق عورت کان ڊوائيز هولڊر ايجنٽ ۽ دڪاندار پنج سئو کان ھڪ ھزار روپين جي ڪٽوتي ڪرڻ لڳا آهن. عورتن پاران پوري قسط گهرڻ تي فنگر نه لڳڻ ۽ سسٽم بزي ھجڻ جو بھانو ڪري مستحق عورتن کي پريشان ڪيو وڃي پيو مستحق عورتن جي پيسن مان ڪٽوتي ڪندڙن جو انتظاميه به ڪو نوٽيس نه ورتو ھزارين عورتن پاران نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.