لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري ايم پي اي سعديه جاويد، پ پ ليڊيز ونگ لاڙڪاڻي جي اڳواڻ ۽ ليڊيز ڪلب جي سيڪريٽري ڊاڪٽر سڪينه گاد  بينظير شاهه سان گڏجي لاڙڪاڻي جي ريلوي اسٽيشن ۽ گرلز ڪاليج ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن ۾ راشن، کاڌي پيتي جون شيون، مڇردانين سميت تازه ننڍن ٻارن جا ھنڌ بسترا ۽ غذائي شيون ورھايون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم پي اي سعديه جاويد چيو ته برسات متاثر ڀائرن، عورتن ۽ ٻارن کي اڪيلو نه ڇڏبو.