هالا (ن پ ا) هالا شهر ڀر جي پاڙن، گهٽين، روڊن تي گندگي جا ڍير هجڻ سبب مڇرن جو آزار وڌڻ سبب رهواسين بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، جڏهن ته انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن مڇر مار ڦوهارو ناهي ڪرايو، جنهن بعد شهر جي سماجي اڳواڻن  عامر بهزاد، وقار احمد ارباب، عثمان ميمڻ، عامر پاريجو ميمڻ پاران هالا، هالا پراڻا جي شهرين کي مڇرن جي آزار کان بچاءُ  لاءِ پنهنجي ساٿين سان گڏ 2 هفتن کان مختلف علائقن ۾ مڇر مار اسپري ڪرائڻ سان گڏ مختلف علائقن ۾ مڇردانيون ۽  ٻوڏ متاثرن کي   راشن، تنبو پڻ فراهم ڪيا.