شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) شھدادڪوٽ ۾ باءِ پاس روڊ تي ساسولي پوليس چونڪي ڀرسان  ويٺل ٻوڏ متاثرن بشير چانڊيو،  امداد بروھي، حسن علي، نور محمد بروھي جي اڳواڻي ۾ موٽروي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو.اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گرمي ۽ نٽھڻ اس ۾ کليل آسمان ھيٺ بي يارومددگار ٿي ويٺل آهيون. ٻار گيسٽرو، مليريا ۽ ٽائيفائيڊ جي موذي مرضن ۾ وٺجي ويا آهن، کاڌ خوراڪ ۽ راشن نه ٿو ملي، ٻچا بکن تي پاھ ٿي ويا آهن.