لاڙڪاڻو/شهدادڪوٽ (نمائندا) لاڙڪاڻي ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ جي نگراني هيٺ هلندڙ سنڌ ڪاليج گيمز جي فائنل ۾ طرح فائنل مئچ ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم پينلٽي ڪڪ جي تحت گورنمينٽ ڊگري ڪالج شهدادڪوٽ جي ٽيم کي 3.1 تان شڪست ڏئي فائنل جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.   برسات سبب رٿيل سيمي فائنل آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ ريجنل آرگنائيزنگ ڪميٽي جي فيصلي تحت پينلٽي ڪڪ تحت ٿيو .سيمي فائنل ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيم گورنمينٽ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور جي ٽيم کي 4.3 گولن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو . جڏهن ته   گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نئون ديرو ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مدئجي وچ ۾ رٿيل ميچ ٻنهي ٽيمن جي نه اچڻ سبب واڪ اوور ٿي وئي، جنهن ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ جي ٽيم فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.  ان موقعي تي مهمان خاص ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر احمد بخش ڀٽو، پرنسپال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ پروفيسر احسان الله جمالي ٻين رانديگرن ۾ انعام پڻ ورهايا.