خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ پنجين سنڌ ڪاليج گيمز جا مقابلا جاري، ٽگ آف وار جو فائنل ڊگري ڪاليج گمبٽ جي شاگردياڻين کٽي ورتو. فائنل مئچ گرلز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ  ۽ گرلز ڊگري ڪاليج گمبٽ جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو جيڪو تمام سخت مقابلي کانپوءِ گرلز ڊگري ڪاليج گمبٽ جي ٽيم کٽي چيمپئن بڻجي وئي. ياد رھي ته هن ٽورنامينٽ ۾ خيرپور ضلعي جي 8 ڪاليجن جي ٽيمن حصو ورتو. ٻيو مقابلو ڪاليج فار وومين خيرپور ۽ گرلز ڊگري ڪاليج راڻيپور جي ٽيمن وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪاليج فار وومين خيرپور جي ٽيم ڪاميابي حاصل ڪئي. فائنل جي مھمان خاص پرنسپل ڪاليج فار وومين خيرپور پروفيسر مقصوده ڀٽي هئي جڏهن ته فائنل ۾ منور سلطانه، رضوانه چاچڙ، نجم الحسن، نورجھان پٺاڻ، صفيه، زھريٰ جبين، زڪيه گل، عرفان علي ڏھوٽ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.