ممبئي (شوبز نيوز) مسلمان نوجوان عادل خان سان تازو شادي ڪندڙ ڀارتي  ماڊل ۽ اداڪارا راکي ساونت کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب راکي ساونت کي ڀارتي اداڪارا شرلين چوپڙا طرفان داخل ڪرايل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، راکي ڪالهه شام مڙس عادل خان سان گڏ پنهنجي ڊانس اڪيڊمي جو افتتاح ڪرڻ واري هئي پر کيس صبح امبولي پوليس گرفتار ڪري ورتو. شرلين چوپڙا طرفان به ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ويو ته راکي کي داخل ڪيل ايف آءِ آر تي گرفتار ڪيو ويو آهي، گذريل ڏينهن ممبئي سيشن ڪورٽ راکي جي گرفتاري کان اڳ ضمانت رد ڪري ڇڏي هئي. واضح رهي ته شرلين چوپڙا راکي ساونت تي ساک کي نقصان پهچائڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو. شرلين چوپڙا گذريل سال آڪٽوبر ۾ ساجد خان خلاف جوهو پوليس اسٽيشن ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان خان تي ساجد خان جي حفاظت ڪرڻ جو الزام هنيو هو، جنهن تي راکي ساونت ساجد جو دفاع ڪندي شرلين کي گهٽ وڌ ڳالهايو هو.