لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد يار محمد ڪالوني ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون لڳڻ سبب جميعت علماءِ پاڪستان سٽي لاڙڪاڻي جو صدر جاويد علي ٽڳڙ سندس سئوٽ صدام حسين ۽ منصور ٽڳڙ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي صدام حسين ٽڳڙ ٻڌايو ته ڪالهه ڀنگر برادري جي بااثرن اسان جي نوجوان سان جهيڙو ڪيو هو، اڄ ان مامري جي بااثر کي دانهن ڏيڻ تان جوابدارن حملو ڪيو آهي.