مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي يوسف کوسو ۾ کوسا ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي ۾ لٺيون لڳڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ اقبال کوسو، مولا بخش کوسو، امام دين بروھي، ثناالله بروھي ۽ علي نواز بروھي شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.