ميرپورٻرڙو (ن پ ا) ميرپورٻرڙو ويجهو ڳوٺ ارباب علي بمبل ۾ بمبل ۽ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي ڏيتي ليتيءَ تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ٿاڻي تي آندو ويو، جتان پوليس کين ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال ٺل منتقل ڪيو، زخمين ۾ ٻنهي ڌرين جا بسم الله، علي نواز بمبل، جان محمد بمبل، منٺار سومرو، قربان سومرو، نثار سومرو ۽ ٻيا شامل آهن. ٻي طرف ٻنهي ڌرين جي 6 ماڻھن مٿان اين سي داخل ڪئي وئي آهي.