مٺي (رپورٽر) ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ ٻگهليار سميجا ۾ زهريلي لسي پيئڻ سبب مزدوري ڪندڙ 15 پورهيت بيهوش ٿي ويا، جن کي مٺي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي. معلوم ٿيو آھي ته ڳوٺ ٻگهليار سميجا ۾ مزدوري ڪندڙ 15 پورهيٿ زهريلي لسي پيئڻ سبب بيهوش ٿي ويا، جن ۾ ڳوٺ ٻگهليار ۽ ڪاٺو سمان جون عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آھن، بي هوش ٿيلن کي هنگامي بنيادن تي مٺي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي جتي سندن علاج هلندڙ آھي. بيهوش ٿيلن ۾ رشيد، رقيب، شريف، نهال، مهرو مل، پرتاب، نگجي، مٺو مل ۽ ٻيا ٻڌايا وڃن ٿا، جن جي حالت سڌرندڙ چئي پئي وڃي.. ڊاڪٽرن موجب ابتدائي چڪاس دوران معلوم ٿيو ته ڳوٺاڻا زهريلي جيت واري لسي پيئڻ سبب بيهوش ٿيا آهن، ان باوجود اسان جي پهرين ترجيح مريضن جو علاج ۽ سندن زندگيون بچائڻ آھي، ان کانپوءُ سيمپلس اماڻيا ويندا ته جيئن پتو پئجي سگهي ته ڪهڙي زهريلي شيءِهئي جنهن سان ڳوٺاڻان متاثر ٿيا. ڊاڪٽرن موجب مريضن جو علاج جاري آھي ۽ سندن حالت سڌرندڙ آھي.