لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي جي حيدري محلا جي رهواسڻ بيواهه گلشن ڪلهوڙو پنهنجي پيرسن امڙ الهرکئي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته ڏير احمد جي پٽن نصرت، شوڪت، اڪبر ۽ سندس امڙ گلي خاتون منهنجي گهر جا تالا ٽوڙي قبضو ڪري ويهي رهيا آهن. پوليس ڪاروائي لاءِ تيار ناهي، جڳهه تان قبضو ختم ڪرائي ڏيرن جي پٽن ۽ ٻين خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.