جاتي(ن پ ا)جاتي جي يونين ڪائونسل ڪڙملڪ ۾ ساحلي پٽي تي قديمي ڍنڍ گڏاپ ۽ سوين ايڪڙ زمين تي بااثر پٺاڻن پاران قبضي ڪرڻ خلاف ڳوٺ عبدالرحمٰن ڌانڌل ۽ بشير ڌانڌل جي رهواسين شير محمد ڌانڌل،عبدالله ڌانڌل،نظير ڌانڌل،اسحاق ڌانڌل جي اڳواڻي معصوم ٻارن عورتن ۽ مردن احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي انهيئَ موقعي رهواسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو بااثر پٺاڻ هٿيارن جي زور تي اسانجي قديمي ڍنڍ ۽ سوين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن اسان ڳوٺاڻان گذر سفر لاءِ ڍنڍ تي مڇي مارڻ لاءِ وڃون ٿا اسان کي مار ڪٽ ڪري ڍنڍ مان پڪڙيل مڇي به ڦري اسان کي ڀڄائي ڇڏين ٿا. هنن چيو ته اسان جون عورتون پالتو ۽ ڌنار زمين ۾ مال ڪاهي وڃن ڍنڍ ۽ زمين تان بااثر پٺاڻن جو قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي،هنن چيو ته اسان پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪندا رهنداسين ۽ سڀاڻي سومر ڏهاري سوين مهاڻا گڏ ٿي احتجاج ڪنداسين ۽ ڌرڻو پڻ هڻنداسين.