مدئجي (ن پ ا ) ڳوٺ ڳاهيجا جي رهواسي چنگچي رڪشا ڊرائيورن سڪندر ابڙو، جنسار، ظفر ابڙو مدئجي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ڳاهيجا ٿاڻي جو ايس ايچ او ڊرائيورن کي بس اسٽاپ تي رڪشا بيهارڻ کان روڪي رهيو آهي. هنن الزام هڻندي چيوته رشوت نه ڏيڻ تان ايس ايچ او ڳاهيجا پوليس اٽالا ساڻ ڪري ڊرائيورن مٿان تشدد ڪري لٺيون هڻي اسٽاپ تان رڪشا ڪڍرايا آهن، نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو