لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد نيو مراد واهڻ ۾ گورنمينٽ پرائمري مغل اسڪول جي نائب قاصد طاهر قيوم شيخ جي غير موجودگيءَ ۾ هٿياربند ڦورن گهر جي ڇت ٽپي گهر ۾ گهڙي اڍائي لک رپين جي ماليت جا سونا زيور چوري ڪري فرار ٿي ويا، نائب قاصد طرفان گهر پهچڻ شرط سامان وکريل ڏسي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو، پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان   طاهر قيوم شيخ ٻڌايو ته 3 ڏينهن اڳ آءُ گهر کي تالا هڻي پنهنجي ٻارن سان ڪراچي ويس جتان اڄ صبح لاڙڪاڻي واپسي تي گھر پهتس جتي گهر جو سامان وکريل هو ۽ خبر پئي ته نامعلوم چور گهر جي ڇت ٽپي گهر ۾ داخل ٿي اڍائي لک روپيه ماليت سون جون 3 منڊيون، هڪ ويڙ ۽ 2 ٽاپس چوري ڪري ويا آهن.