ورڪشاپ (رپورٽ: غلام قادر شر) ورڪشاپ ويجهو اڇڙو ٿر گهمڻ لاءِ سياحن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، خبر موجب سياري جي مند شروع ٿيندي ئي چئني صوبن جي سياحن اڇڙي ٿر جو رخ ڪري ورتو آهي، سانگهڙ، کپرو ۽ خيرپور جي ناري تعلقي جي اڇڙي ٿر ۾ علائقي واسين مقامي سطع تي سياحت کي ھٿي واٺرائڻ لاءِ گيسٽ ھائوس کولي ورتا آهن، جتي سياحن جي رھائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ٿيل آهي، ان ڏس ۾ اسلام آباد کان آيل هڪ سياح  عاصم مير چيو ته اڇڙو ٿر قدرتي حسناڪين سان مالا مالا آھي، جڏهن ته  حڪومتي بي ڌياني سبب هتي روڊ رستن جون سهولتون ناھن، هن چيو ته اڇڙي ٿر کي اڃا اھا سياحتي پٺڀرائي ناھي ملي سگهي جيڪا ملڻ گهرجي ھا، هن چيو ته اڇڙو ٿر گهمڻ جو شوق هو، جنهن ڪري سانگهڙ آياسين، هتي اچي اڇڙو ٿر گهمي ڏٺوسين ته ڏاڍو خوبصورت آھي، علائقي واسين فاروق احمد، جي آر چانڊيو، نجيب ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اڇڙي ٿر جهڙو خطو پاڪستان کانسواءِ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ نٿو ملي، هنن چيو ته دبئي ۽ ھندستان ۾ سياحت مان چڱو ناڻو ڪمايو وڃي ٿو، جيڪڏھن سنڌ حڪومت سياحت تي ٿورو ڌيان ڏئي ته اڇڙي ٿر مان وڏي ڪمائي حاصل ڪري سگهجي ٿي، پوري دنيا جا سياح اڇڙي ٿر جو رخ ڪندا.