غلام شاهه موري(رپورٽ گڊو راهمون)غلام شاهه موري شهر۽ 20ڳوٺن کي پيئڻ جي صاف پاڻي جو واٽرسپلاءِ گذريل ڪيترن سالن کان بند پيل آهي، مختلف ڳوٺن يعقوب جکرو، صديق چانڊيو، محمد ملاح، جمعون سرائي، قادربخش چانڊيو، سليمان جکرو، ميووچانڊيو، ڊاڪٽر شريف چانڊو، آشن ڪولهي ۽ شھرغلام شاهه سميت ٻين ڳوٺ کي صاف مٺوپاڻي ڏيندڙ واٽر سپلاءِ ڪيترن سالن بند هجڻ سبب رهواسي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ سخت پريشان ٿي ويا آهن. 30 هزار کان به وڌيڪ آبادي رکندڙ غلام شاهه موري شهر ۽ڳوٺن  کي صاف ۽ مٺو پاڻي فراهم ڪندڙ واٽرسپلاءِ جي مرمت لاءِ پبلڪ هيلٿ بدين ڪي به جوڳا اپاءَ نه  ورتا ويا ۽ لاڳاپيل پبلڪ هيلٿ کاتي جي روايتي سستي برقرار آهي. شهرين ۽ ڳوٺاڻن حضور بخش جکرو، غلام قاسم ڪنڀر،امان الله چانڊيو،زبيراحمد ملاح،علي احمد چانڊيو،منور لغاري،نورعلي چانڊيوعباس علي جکرو۽ٻين دانهيو ته واٽرسپلاء خراب هجڻ ڪري اسان لاءِ پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ بڻجي ويو آهي اسان ڏورعلائقن مان  پيئڻ جو پاڻي پنڌ ڪري ڀرڻ وڃون ٿا رهواسين پنهنجي اخبارکي ٻڌايو ته ڪجهه رهواسي جر جو سينئارڪو ۽ کارو پاڻي واپرائڻ سبب پيٽ ميهدي بلڊ پريشر سميت انيڪ مرضن جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن جڏهن ته معصوم ٻارڙا پيرسن توڙي عورتون دست ڊائريا سميت ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي رهيا آهن، رهواسين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته غلام شاه موري شهر جا واٽرسپلائي ٺهرائي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪيو وڃي.