لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي باقراڻي روڊ واري علائقي ۾ گهر جي ڇت تي سينٽري جي ڪم دوران بجلي جي 11 هزار تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيل پورهيت امير علي پٽ بنگل ککراڻي سخت زخمي ٿي پيو،  جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ تي وارثن کيس ڪراچي اسپتال علاج لاءِ نيو پئي ويو ته زخمي پورهيت دادو ڀرسان زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن جو لاش وارثن ايمبولينس جي ذريعي ايئرپورٽ روڊ لڳ چودڳي ڀرسان ککراڻين جي ڳوٺ منتقل ڪيو جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.