ميان صاحب (ن پ ا) ڪراچي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ميان صاحب جي رهواسي رياض عرف رياضو پٽ دليل بروهي جو مڙھ هڪ هفتي کانپوءِ وارث کڻائي آيا، لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، مڙھ اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته هفتو اڳ رياض احمد پٽ دليل بروهي ڪراچي جي شريف آباد ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو،  جنهن جو مڙھ ڪراچي پوليس طرفان قانوني ڪارروائي بعد سندس وارثن حوالي ڪيو. ٻئي طرف ميان صاحب پوليس به رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪراچي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل رياض عرف رياضو بروهي مٿان ميان صاحب ٿاڻي تي به 13 ڊي سميت پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ٿيل هو جنهن ۾ هو ڪافي عرصي کان روپوش هو.