ڍورونارو (ن پ ا) ڍورونارو ويجھو ٻارڙي سان فحش حرڪتون ڪندڙ جوابدار خلاف ڪيس داخل، عدالت پيش، رمانڊ تي پوليس حوالي، ڳوٺ کڻهار ۾ 4 ورھين جي معصوم ٻارڙي سان فحش حرڪتون ڪرڻ ۽ وڊيو وائرل ٿيڻ واري معاملو جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس سوگهو ڪيل جوابدار ڀڳت ڪرشن ڀيل خلاف ٻارڙي جي پيءُ گھمن ڀيل جي فرياد تي ڍورونارو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو، پوليس جوابدار کي عمرڪوٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوابدار کي 10 جنوري تائين رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.