لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ سم نالي کي ڪٽ ڏيڻ تان قتل ٿيل محمد امين چانڊيو جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڌر پ پ اڳواڻ رياض شاهه، بدرالدين ابڙو، قمرالدين ابڙو، خان شيخ، علي محمد ميمڻ، لشڪر جتوئي، اظهر ککراڻي سميت عمراڻي، جتوئي، ٻگهيا ۽ ٻين برادرين جا معزز ميڙمنٿ قافلو ۽ پاڪ ڪتاب کڻي ڳوٺ محمد خان چانڊيو پهتا. معززين مقتول جي وارثن گل حسن چانڊيو ۽ ديدار چانڊيو کي چيو ته اسين پاڪ ڪتاب کڻي توهان وٽ ميڙمنٿ قافلو کڻي آيا آهيون، ٺاهه ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي وارثن ميڙمنٿ قافلي کي مان ڏيندي صلاح مشوري لاءِ ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهري، جنهن کان پوءِ خير جي دعا گهري وئي ۽ ميڙمنٿ قافلي ۾ شامل معززين  ٻيهر ميڙمنٿ ساڻ ڪري اچڻ جي حامي ڀري. واضع رهي ته 28 آگسٽ تي برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ سم نالي کي ڪٽ ڏيڻ تان فائرنگ ۾ محمد امين چانڊيو قتل، جڏهن ته گلبهار چانڊيو ۽ گل حسن چانڊيو زخمي ٿيا هئا، واقعي جو ڪيس پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي تي احمد بخش چانڊيو جي فرياد تي 6 جوابدارن پيرل ابڙو، دين محمد ابڙو، علي ڏنو ابڙو، نياز ڪورائي ۽ هڪ نامعلوم جوابدار مٿان داخل ڪرايو ويو هو.