لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ وليد ٿاڻي تي سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿي ويل رتيديري واسي پوليس اي  ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ ۽ سندس زخمي پٽ رياض حسين سيانچ واري واقعي جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ منظور سيانچ جي فرياد تي گناهه نمبر 2022/90 قلم 337، 404، 324، 302، 148، 147، ايڇ ٽو تحت 6 جوابدارن غلام حسين ڀٽي، صحبت، شاهنواز، برڪت، عبدالستار، محمد مٺل ڀٽي تي داخل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو ٻڌايو ته مقتول اي ايس آءِ غلام اڪبر سيانچ ۽ ڀٽي برادري ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو جنهن معاملي تان جوابدارن کيس قتل ۽ سندس پٽ کي زخمي ڪيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڊي ايس پي سول لائين ۽ ايس ايچ او وليد تي مشتمل جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي جن طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.