لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي حيدري پوليس نينگر شيراز جمالي قتل ڪيس ۾  ملوث مُک جوابدار کي  گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.  ايس ايس پي نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي حيدري، ايس ايچ او مارڪيٽ، ايس ايچ او حيدري، ٽريفڪ سارجنٽ ٽو ۽ اي ايس آءِ حيدري تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙي.جاچ ٽيم جديد ٽيڪنيڪي سسٽم ذريعي بلائينڊ قتل ڪيس کي ٽريس آئوٽ ڪري واقعي ۾ ملوث مُک جوابدار صديقي ڪالوني واسي اصغر ولد خدابخش سانگي کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي موجب جيڪڏهن واقعي ۾ ٻيا به جوابدار ملوث نڪتا ته انهن خلاف به سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي اهڙي واقعي جو ڪيس مقتول شاگرد جي پيءُ لطف جمالي جي فرياد تي گناهه نمبر 2022/83 قلم 302 تحت ٽن جوابدارن علي اڪبر سانگي، اصغر سانگي ۽ هڪ نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو.پوليس جوابدار اصغر سانگي کي پنجين سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ محمد صادق بروهي جي عدالت ۾ پيش ڪري 14 ڏينهن جي رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت جوابدار کي 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.