ڳاڙھو (ن پ ا) ڳاڙهو شهر جي رهواسڻ نينگري شهزادي ميمڻ سان زيادتي واري ڪيس ڳاڙھو پوليس جوابدارن  طفيل ميمڻ ۽رمون ميمڻ کي سول ڪورٽ گھارو جي عدالت ۾ پيش ڪيو.  عدالت سڳوري 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ھوڏانھن زيادتي ڪيس جي جاچ ايس ايس پي ٺٽو جي هدايتن تي چئن ٿاڻن جا صوبيدار جن ۾  گهوڙاٻاري، ڳاڙھو، ميرپورساڪرو ۽ گهارو جي حوالي ڪئي وئي آهي. ابتدائي جاچ جي اڳواڻي ايس ايچ او ڪٽي بندر جي اڳواڻي ۾ شروع ڪئي وئي آھي، جنهن کي چئني ٿاڻن جا صوبيدار جاچ کي انصاف جي تقاضن کي پورو ڪري فائنل چالان پيش ڪندا.