لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس جي ٽيم ٻيلي کاتي جي زمين جو ڪوڙو کاتو ٺاهي ان جي داخلا خانگي ماڻهن جي نالي ڪرڻ واري ڏوڪري تعلقي جي اڳوڻي سپروائيزنگ تپيدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس لاڙڪاڻو جي ٽيم سرڪل آفيسر هدايت الله چنو جي اڳواڻيءَ ۾ شهر جي اوٺا چوڪ واري علائقي ۾ ڇاپو هڻي ٻيلي کاتي جي زمين جو ڪوڙو کاتو ٺاهي ان جي داخلا خانگي ماڻهن جي نالي ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد ڏوڪري تعلقي جي اڳوڻي سپروائيزنگ تپيدار رستم علي ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو جي سرڪل آفيسر هدايت الله چنو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سال 1997ع دوران ان وقت جي سپروائيزنگ تپيدار رستم علي ميمڻ ڏوڪري ۾ ٻيلي کاتي جي 68 ايڪڙ زمين جو ڪوڙو کاتو ٺاهي خانگي ماڻهن بشير ٻٽڙو، گل حسن ميمڻ سميت ٻين جي نالي تي رکيو هو جڏهن ته اهڙو ڪيس گذريل سال ٻيلي کاتي جي رينج فاريسٽ آفيسر جي فرياد تي گناهه نمبر 2022/02 تحت اينٽي ڪرپشن ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو جنهن ڪيس ۾ نامزد جوابدار رستم علي ميمڻ کي گرفتار ڪري کيس اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد جيل اماڻيو ويندو.