ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ تڳوسر ۾ فطري سونھن رکندڙ مورن ۾ پراسرار بيماري پکڙجي وئي آهي، ڪالهه بيماري وگهي 2 مورن ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏنو، جڏهن ته ڪيترائي مور بيماري ۾ وڪوڙيل آھن، ڳوٺاڻن موجب ھڪ مور ڳوٺ اندر ۽ ٻيو مور ڳوٺ ڀرسان مئل حالت ۾ مليو، هنن چيو ته پراسرار بيماري سبب مور مري رھيا آھن، بيماري سبب مور ڪمزور ٿي مري وڃن ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته وائلڊ لائيف کاتي جون ٽيمون موڪلي بيمار مورن جو علاج ڪيو وڃي.