نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ مستحق خاندانن کي اٽي جي سبسڊي طور بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ملندڙ 2 هزارن واري رقم مان نوشهروفيروز شهر سميت ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن محرابپور، هالاڻي، خانواهڻ، ڪنڊيارو، ڀريا روڊ، ڀريا سٽي ۽ ٺاروشاهه ۾ ڊوائيس هولڊر سري عام ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، ان ڏس ۾ ڪالهه ڪٽوتي جي معاملي تان مستحق عورتن ۽ ڊوائيس ايجنٽن ۾ منهن ماري ٿي پئي، جنهن دوران مستحق عورتن کي ڌڪا ڏنا ويا، ان موقعي تي مستحق عورتن شهناز، شهربانو، ڪلثوم خاتون، ڪونج،  شريفان، فاطما، نورجهان، ڪزبانو، زينت، حاتل، صغران ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته نوشهروفيروز ۾ ڊوائيس ايجنٽ 2 هزران مان 3سئو کان 5 سئو رپين تائين ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڊوائيس هولڊرز خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.