لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي جي الهه آباد ٿاڻي جي حد ممتاز ڪالوني ۾ 2 سال اڳ پيءُ هٿان قتل ٿيل صائمه زال زاهد لاشاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڇهين ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾  ٿي.وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت جوابدار مٿان ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائيندي مٿس هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.غلام حيدر لاشاري پنهنجي ڌيءَ صائمه کي قتل ڪيو هو. واقعي جو ڪيس الهه آباد ٿاڻي تي  ايس آءِ پي امداد هليو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو.