ٽنڊو الهيار(رپورٽر) ٽنڊوالهيار ويجهو قتل ٿيل 2 ڀائرن جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار پيش ٿي ويو ٻن ڀائرن جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار علي حسن جويو معززن معرفت پيش ٿيو ڪيس  ۾ نامزد جوابدار علي حسن جويو کي پيش ٿيڻ کان پوءِ بي سيڪشن ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو. ياد رهي ته جويا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار هلندڙ هو جنهن سبب ٻن ڀائرن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو. عيد الاضحٰي جي رات قبي اسٽاپ تي ٻن ڀائرن اشرف جويو ۽ علي غلام جويو کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو. سندن ڀاءُ علي گل جويو جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو قتل ڪيس ۾ 4 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو هو جنهن مان هڪ جوابدار علي حسن جويو پاڻ پيش ٿيو آهي ايس ايس پي فاروق بجاراڻي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاء ٽيم جوڙي هئي جوڙيل ٽيم واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء مسلسل ڇاپا هڻي رهي هئي پر ڪامياب ٿي نه سگهي آهي.