محبت ديرو (ن پ ا) محبت ديرو ۾ 3 مھينا اڳ اوطاق جي ڪمري ۾ باهه لڳڻ سبب ٻن ڄڻن فياض راجپوت ۽ اڪرام  راجپوت جي سڙي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس فوتي فياض جي ڀاءُ رياض راجپوت جي فرياد تي سيپڪو لائين سپريٽينڊنٽ ايوب اڄڻ ۽ ٻن اڻڄاتلن ماڻهن خلاف محبت ديرو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته اوطاق ڀرسان بجلي جو پول لڳل آھي، جنھن ۾ ڪافي ڪچيون تارون لڳل ھيون، اسان ڪيترائي ڀيرا لائين سپريٽينڊنٽ کي شڪايت ڪئي پر ھن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، فريادي موجب پول مان تارن کي باھ لڳي جيڪا وڌندي اوطاق جي ڪمري تائين آئي، جنهن ۾ فياض ۽ اڪرام راجپوت سڙي فوت ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪيو آھي، جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو، ٻئي پاسي شھرين رانا عابد، رياض علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لائين سپريٽينڊنٽ جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو،