لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ اپر سنڌ رائيس فيڪٽريز ورڪرز يونين جي سڏ تي رائيس مل جي پورهيتن مرتضيٰ ڪورائي، معشوق ڪورائي، حاجن شيخ، احسان جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. اڳواڻن چيو ته شهيد راڻي پنهنجي اقتداري دور ۽ زندگيءَ ۾ لاڙڪاڻي جي پورهيتن لاءِ جيل  روڊ جي ليبر ڪالوني ڀرسان فليٽ ٺاهي ڏيڻ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ هينئر 96 فليٽ ٺهي تيار ٿي چڪا آهن. هنن الزام لڳايو ته سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر زاهد هڪڙو اسان مزدورن کان فليٽ الاٽ ڪري ڏيڻ عيوض 3 کان 4 لک روپيا رشوت گهري رهيو آهي جنهن رشوت عيوض ڪيترن ئي من پسند ماڻهن کي فليٽ الاٽ ڪيا آهن جيڪو اسان غريب پورهيتن جي حقن تي ڌاڙو آهي. هنن چيو ته ملڪ ۾ چوٽ چڙهيل مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب پورهيت طبقو اڳ ئي ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي ته ٻئي پاسي اسان کان پنهنجي جائز الاٽمينٽ ۽ فليٽ حوالي ڪرڻ لاءِ رشوت طلب ڪئي پئي وڃي پر ان جي باوجود اسين سنڌ سرڪار طرفان مقرر ڪيل في فليٽ جي رقم ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر ڊپٽي ڊائريڪٽر زاهد هڪڙو اسان کان وڌيڪ اڍائي لک روپيا رشوت گهري رهيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڊپٽي ڊائريڪٽر زاهد هڪڙو کي عهدي تان هٽائي غريب پورهيتن کي فليٽ الاٽ ڪيا وڃن.