بڇري (ن پ ا) بڇيري ٽائون ڪاميٽي بڇيري جي مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ جي ڊي اي ۽ اتحادي اميدوارن جا نامزدگي فارم منظور ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ ٽائون ڪاميٽي بڇيري جي چئني وارڊن تي اميدوارن جا فارم بحال ٿيڻ کانپوء چونڊ چهچٽو تيز ٿي ويو آھي. جي ڊي اي ۽ اتحادي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ  بحال ٿيڻ تي سمورن اميدوارن جو ڪچي چودڳي اسٽاپ تي شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي جنهن کانپوء اميدوارن کي ريلي جي صورت ۾ بڇيري شھر آندو. سينئر صحافي ۽ اليڪشن اتحاد جي سرپرست زوهيب زرداري چيو ته مڪاني چونڊن ۾ ڪرپٽ ٽولي کي عبرتناڪ شڪست ڏني ويندي. هن چيو ته ٽائون ڪاميٽي ۾ ٿيل ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو حساب ورتو ويندو. زوهيب زرداري چيو ته سندن مقابلو وڏيرن ۽ جاگيردارن سان آھي عوام اسان جي اميدوارن کي ضرور ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو. تقريب کي فنڪشنل ليگ بڇيري جي صدر فيض زرداري. محمد انور زرداري. اسلم قريشي. علي خان رند. نصير سهتو. جاويد زرداري ۽ ٻين خطاب ڪيو.