ٿاڻوبولاخان (ن پ ا ) ڄامشورو اتحاد پاران  ڪوھستان ۾ مڪاني چونڊون وڙھڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾  سمورين يونين ڪائونسل ٽائون ڪاميٽي ٿاڻي بولاخان تي پنھنجا اميدوار بيھارڻ لا برھماڻي ھائوس ٿاڻوبولاخان تي گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ برھماڻي برادري ۔سنڌ پالاري اتحاد ۔سنڌ ميمڻ اتحاد  ديوان برادري  جي  اڳواڻن  سميت معززين شرڪت ڪئي. ڄامشورو اتحاد جي سرواڻ ملڪ چنگيز خان چيو ته  ڪوھستان جي سياست تي 40  سالن کان قابض سياسي ڌر جو بلدياتي اليڪشن ۾  ڀرپور مقابلو ڪنداسين  ھن چيو ته اسان چاھيون ٿا ته ھن علائقي ۾ ڪا تبديلي اچي ڪوھستان جي علائقي ۾ بنيادي سھولتون ھجن. جيڪي صدين کان ھتي اقتدار تي قابض رھيا آھن  انھن  ھتان جي  عوام کي ڪا به سھولت نه ڏني آھي. ٿاڻي بولاخان شھر جو مين روڊ کنڊرات بڻيل آھي ڪوھستان جو عوام تعليم صحت جي سھولتن کان وانجھيل آھي  اسڪولن ۾ استاد نه آھن اسپتالن ۾ سھولتون نڪو ايمبولنسون آھن ڪوھستان جو عوام پنھنجي تقدير جا فيصلا پاڻ ڪري ھن چيو ته  اسان ڪوھستان مان  ڀوتارڪي نظام جو خاتمو چاھيون ٿا ھن چيو ته ٿاڻي بولاخان ٽائون  جي 6 وارڊن سميت سڄي تعلقي جي ستن يونين ڪونسلن ۾ ڄامشورو اتحاد طرفان   متفق طور  اميدوار بيھاريا ويندا  اسان جو گڏيل فيصلو ھوندو اھل اميدوارن  کي ترجيع ڏني ويندي اسان وٽ پسند نا پسند نه آھي. گڏجاڻي کي ڪانڀو خان برھماڻي ۔پير نديم شاھ جيلاني ۔حاجي رمضان پالاري ۔ڊاڪٽر انور پالاري ٻين خطاب ڪيو.