شاهه رخ خان، اميتاب، اجي ديون ۽ رنوير سنگهه تي ڪيس داخل

0
309
شاهه رخ خان، اميتاب،

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارن شاهه رخ خان، اميتاب بچن، اجي ديوگن ۽ رنوير سنگهه کي گٽڪي ۽ تماڪ جي برانڊ جي تشهير ڪرڻ ڳچيءَ ۾ پئجي وئي

ڀارتي ميڊيا موجب فلم اسٽارز کي گٽڪي ۽ تماڪ جي اشتهار ۾ ڪم ڪرڻ تي تمنا هاشمي نالي سوشل ايڪٽويسٽ طرفان مقامي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويو جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ به وقت مقرر ڪيو ويو آهي

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته شاهه رخ، اميتاب بچن، اجي ۽ رنوير سنگهه کي بهار ڪورٽ ۾ ڪيس کي منهن ڏيڻو پوندو. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته مشهور فلمي شخصيت پنهنجي شهرت جو غلط استعمال ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن اهي گٽڪي ۽ تماڪ جهڙين برانڊ جي تشهير مهم ۾ شامل ٿيندا ته مداحن تي خراب اثر پوندو اهي به غلط شيون استعمال ڪندا.