لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي سچل ٿاڻي جي حد شيخ زيد موڙ وٽ 4 ڏينهن اڳ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل رٽائرڊ پوليس اهلڪار افضل حسين عمراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي پٽ سبزل عمراڻي پنهنجي ڏاڏي عزيزان عمراڻي ۽ ٻين گهر ڀاتين سان گڏجي دانهيو ته اسان جو پنهنجي ئي ذات جي بااثرن سان زرعي زمين جي معاملي تان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي. هن الزام لڳايو ته بااثرن اسان کان فيصلي لاءِ 12 لک رپيا ورتا ۽ بعد ۾ ڌمڪيون ڏنيون، بعد ۾ هٿياربندن افضل عمراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس کين گرفتار ناهي ڪيو،  قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن،  جانين کي خطرو آهي. جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.